طلسم سعادت (قلمي نسخو)

طلسم سعادت (قلمي نسخو)

طلسم سعادت قلمي نسخو

طلسم سعادت (قلمي نسخو): فارسي ٻوليءَ واري هن نسخي جو مصنف محمد شفيع المعروف لطف علي خان رضوي آهي، هن ڪتاب ۾ اخلاق ۽ تقويٰ جي اصولن کي نظر ۾ رکندي زندگي گذارڻ تي بحث ٿيل آهي. نسخو خط شڪسته ۾ تحرير ٿيل آهي. ڪاتب ۽ ڪتابت جو سن نامعلوم آهي. نسخي جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:
بسم الله الرحمان الرحيم سپاس و ستائش
آفريد کارو شڪر نعمت پروردگار... الخ“
اختتام هن طرح ٿئي ٿو:
”... افروز دوست نواز و دشمن گذار
است و بحڪم من له الحڪم.“
124 صفحن تي مشتمل هن نسخي جي هر صفحي 15 سٽون تحرير ٿيل آهن. هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو